اوٻاوڙو ويجهو ڌاڙيل سلطو شر جي ٽولي سان مقابلي ۾ ايس ايڇ او جروار شهيد ٿي ويو

اوٻاوڙو ويجهو ڌاڙيل سلطو شر جي  ٽولي سان مقابلي ۾ ايس ايڇ او جروار شهيد ٿي ويو ۽ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ  ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.

رانوتي ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي دوران ايس ايس او جروار حسن علي ڪولاچي شهيد ٿي ويو۽ رمضان  ٽڳڙ سميت 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

شهيد ٿيل ايس ايڇ او جو لاش ۽ زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهوٽڪي ۾ شهيد ايس ايس او جي گهر ماڻهن جو وڏو انگ پهتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*