نوابشاهه ۾باءِ پاس روڊ تي ڦورن طرفان ٽرڪ کي گوليون هڻي ٽائر برسٽ ڪرڻ واري واقعي خلاف ٽرڪ اونرز ايسوسيئشن جي صدر جي اڳواڻي ۾باءَ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

نوابشاهه ۾باءِ پاس روڊ تي ڦورن طرفان ٽرڪ کي گوليون هڻي ٽائر برسٽ ڪرڻ واري واقعي خلاف ٽرڪ اونرز ايسوسيئشن جي صدر جي اڳواڻي ۾باءَ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڊالڊا مل اسٽاف وٽ جوابدارن بدين کان جيڪب آباد چوڪر کڻي ويندڙ ٽرڪ تي فائرنگ ڪري ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيا.

واقعي خلاف سيف الله مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾باءَ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين چيو ته هر مهيني مين روڊ تي 3 کان 4 ڦر جا واقعا ٿين ٿا، شڪايتن باوجود پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ڪري رهي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي.

پوليس چيو ته واقعي واري هنڌان گولين جا 2 خول مليا آهن، ڦورن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*