ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ ڏاڍائي بعد قتل ڪيل عصمت خاڻيجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قاضي احمد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ ڏاڍائي بعد قتل ڪيل عصمت خاڻيجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قاضي احمد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

قاضي احمد جي سول سوسائٽي پاران صوفي جاويد سيال، امير حسين ساجدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ظلم جي انتها آهي، علاج خاطر ويل نياڻي کي ڏاڍائي بعد زهر جون انجيڪشن هڻي قتل ڪيو ويو پر سنڌ حڪومت ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته عصمت خاڻيجو واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*