ميرو خان ۾معصوم ٻارڙي کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي

ميرو خان ۾معصوم ٻارڙي کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي،شهرين جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

وڏي قبرستان پاڙي مان جوابدار معصوم ٻارڙي فلڪ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران شهرين جوابدار بهادر جلباڻي کي سوگهو ڪري ورتو.

ٻارڙي کي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس حوالي ڪيو ويو.

علائقي واسين چيو ته جوابدار ٻارڙي کي اغوا ڪري رهيو هو ته هنن پهچي کيس سوگهو ڪيو ۽ ٻارڙي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي ڏاڏي جي فرياد تي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*