بنگلاديش جي ٽيم هٿان شڪست تي گهڻي مايوسي ٿي آهي، ظهير عباس

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ايشين بريڊمين ظهير عباس چيو آهي ته جيڪڏهن قومي ٽيم جي فيلڊنگ ٽيسٽ سيريز ۾ ايئن رهي ته قومي ٽيم کي ڪاميابي نصيب نه ٿيندي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيوته بنگلاديش جي ٽيم ون ڊي سيريز ۽ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي ٽيم کي هڪ طرفي شڪست ڏني.

هن چيو ته بنگلاديش جي ٽيم هٿان شڪست تي کيس گهڻي مايوسي ٿي.

سندس چوڻ هو ته هن ڪڏهن به اهو سوچيو نه هو ته بنگلاديش جي ٽيم پاڪستان جي ٽيم کي وائيٽ واش شڪست ڏيندي.

ظهير عباس چيو ته ٻن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن قومي ٽيم جي فيلڊنگ مايوس ڪندڙ ثابت ٿي،جنهن دوران فيلڊرز گهٽ ۾ گھٽ ۾ پنج آسان ڪيچز ڊراپ ڪيون.

ظهير عباس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽيم جي فيلڊنگ سيريز ۾ ائين رهي ته پوءِ ڪاميابي مشڪل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*