پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيوآهي ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي

پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيوآهي ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، پنجاب کي سئو سيڪڙو وڏو وزير عثمان بوزدار ئي هلائي رهيو آهي، جيڪي ماڻهو عثمان بوزدار کي شهباز شريف کان گهٽ اختيارن وارو سمجهن ٿا اهي ڀليل آهن.

 لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر چوڌري سرور چيو ته منهنجي مرضي سان ڪجهه ٻيا فيصلا ٿين ها ته پي ٽي آءِ کي پنجاب ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ها.

هن چيو ته پرڏيهه وڃڻ تي منهنجي گورنري وڃڻ جون خبرون هلايون ويون، مون کي عهدن سان نه پر انسانن سان پيار آهي.

پنجاب جي گورنر چيو ته مون کي گورنر بڻايو ويو ته خوشي نه ٿي، مون کي سينيٽرشپ ۾ وڌيڪ مزو آيو.

هن چيو ته پنجاب جي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي جو فيصلو ڪري ڪو گناهه نه ڪيو آهي.

چوڌري سرور چيو ته مان پنهنجي سياسي تجربي  سان پاڪستان جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو.

گورنر اعلان ڪيو ته مان جيستائين گورنر رهندس سرور فائونڊيشن جي فنڊ ريزنگ نه ڪندس،آمريڪا ۾ جيڪي به فنڊ گڏ ڪيا آهن،سرور فائونڊيشن پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي حوالي ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*