پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم جو ايران جو دورو  ٺلهن اعلانن تائين محدود آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم جو ايران جو دورو  ٺلهن اعلانن تائين محدود آهي، وزيراعظم پاڪ-ايران گئس منصوبو جاري رکڻ  جو اعلان نه ڪيو.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم عالمي طاقتن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم بجلي ۽ گئس  جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.

بلاول چيو ته  عوام پريشان آهي پر نيازي سرڪار کي  بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو ڪوبه  خيال ناهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*