پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ق ليگ جي صدر چوڌري پرويز الاهي واضح ڪيو آهي ته  اسان جي پارٽي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان گڏ بيٺي آهي

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ق ليگ جي صدر چوڌري پرويز الاهي واضح ڪيو آهي ته  اسان جي پارٽي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان گڏ بيٺي آهي،ن ليگ سان ڪوبه رابطو ناهي، نه ئي چوڌري شجاعت ، شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته وزير اعظم کي استحقاق آهي ته هو ڪنهن به وزير کي تبديلي ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته سياست ۾ پارٽي جي اندر ۽ ٻاهر اختلاف ٿيندا رهندا آهن.

چوڌري پرويز الاهي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سندس پٽ مونس الاهي کي ڪنهن سان به رابطي ڪرڻ جي ضرورت ناهي.هن مونس الاهي جي حمزا شهباز سان ملاقات جي ترديد ڪئي.

هن چيو ته اسان جون سموريون ملاقاتون  وڏي وزير عثمان بوزدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آهن،اسان جي پارٽي به وڏي وزير کي سگهارو ڏسڻ گهري ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*