وزير اعظم عمران خان سريلنڪا جي وزيراعظم سان  فون ڪري دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي

وزير اعظم عمران خان سريلنڪا جي وزيراعظم سان  فون ڪري دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وزير اعظم عمران خان چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ سريلنڪا جي ڀائرن سان گڏ آهيون.

عمران خان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو،پاڪستان دهشتگردي خلاف سريلنڪا جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

وزير اعظم چيو ته دهشتگردن جو  نه ڪوئي مذهب ، نه ئي سرحد ٿيندي آهي..هن دهشتگرد حملن ۾ مارجي ويل جي پونئنرن سان تعزيت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*