سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي مليحا لوڌي چيو ته هڪ طرفا قدم کڻڻ  سان بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ايلچي مليحا لوڌي  چيو آهي ته گڏيل قومن جي چارٽرڊ کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي خودمختياري واري حق کان محروم ڪرڻ عالمي امن لاءِ خطرو آهي.

سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي مليحا لوڌي چيو ته هڪ طرفا قدم کڻڻ  سان بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.

هن چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري واري حق کان محروم رکڻ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي.

مليحا لوڌي چيو ته گڏيل قومون عالمي رابطن کي هٿي ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهن.

هن چيو ته عالمي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عالمي حل جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*