وزيراعظم عمران خان اڄ چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي رهيو آهي

وزيراعظم عمران خان اڄ چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم سان گڏ ناڻي کاتي جو صلاحڪار  حفيظ شيخ، شيخ رشيد، ذلفي بخاري ۽ ٻيا گڏ هوندا.

 ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان اڄ چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي رهيو آهي .

وزيراعظم سان گڏ  ناڻي کاتي جو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ،  واپار جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد  ۽ ٻيا گڏ هوندا .

ذريعن موجب  وزيراعظم عمران خان مصر ،ازبڪستان، روس، ايٿيو پيا، سوئز رلينڊ جي اهم اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو ،  عمران خان  بيلا ، انڊونيشيا جي سربراهن سان ملاقات ڪندو .

ذريعن موجب وزيراعظم ورلڊ بئنڪ  جي سي اي او ، آءِ ايم ايف سان پڻ ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم ٻنهي اڳواڻن سان ملاقات ۾  معشيت بابت ڳالهيون ڪيون ويون  آهن .

ذريعن موجب وزيراعظم ٻنهي اڳواڻن سان ٿيندڙ ملاقات ۾ آءِ ايم ايف جي قرض ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون .

ذريعن موجب وزيراعظم چين جي صدر شي چنگ پن سان پڻ ملاقاتون ڪندو،  وزيراعظم 7 ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪندو ……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*