ملير پوليس گڏاپ سٽي ۾ زال ۽ سس کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

ملير پوليس گڏاپ سٽي ۾ زال ۽ سس کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب، جوابدار وٽان هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن کي فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويو آهي.

ملير پوليس گڏاپ سٽي ۾ زال ۽ سس کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب، گذريل رات جوابدار مولا بخش پنهنجي گهرواري انيسا ۽ سس شهربانو کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

پوليس موجب، جوابدار قتل جي واردات بعد فرار ٿي ويو هو، جنهن کي ڪارروائي بعد هٿيار سميت گرفتار ڪيو آهي.

پوليس موجب، جوابدار وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن کي فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*