رتيديري ۾ ٻارڙن اندر ايڊز جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن

رتيديري ۾ ٻارڙن اندر ايڊز جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ٻن هفتن دوران شهر ۽ ڀر وارن علائقن ۾ظاهر ٿيل ايڊز جي ڪيسز جو انگ وڌي 17 ٿي ويو.

رتوديرو شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايڊز جي مرض ۾ ورتل ٻارن جو انگ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي.

رتيديري شهر ۾ رهندڙ وڌيڪ ٻن ٻارن ستن ورهين جي بيبي هما ڌيءَ منظور شاهه ۽ هڪ سال جي آصفه ڌيءَ عبدالوحيد کي ايڊز هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ڊاڪٽر چيو آهي ته ان کان اڳ به ايڊز جا 15 ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، بيبي هما کي مختلف ليبارٽريز تان رت لڳرائڻ سبب کيس ايڊز ٿي آهي.

 ايڊز وگهي فوت ٿيل ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ٻار سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ دوران ايڊز جو شڪار ٿيا آهن.

لاڙڪاڻي جَي ڊي ايڇ او عبدالرحمان بلوچ ٻارن ۾ ايڊز جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جي جاچ توڙي ٻيهر ٽيسٽون ڪرائي ايڊز جي تصديق ڪرڻ لاءِ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ ٽي ايڇ او ڊاڪٽر رميش لال، ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر طفيل احمد، ڊاڪٽر اطهر شاهه، فوڪل پرسن ڊاڪٽر امداد شاهه، ايڊز بابت ٽرٽمينٽ اينڊ ڪيئر سينٽر جو انچارج ڊاڪٽر هولا رام، ڊاڪٽر نذير احمد ڪميٽي ۾ شامل آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*