اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ نيب جي سمورين سوالن جا جواب جمع ڪرائي  ڇڏيا

اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ نيب جي سمورين سوالن جا جواب جمع ڪرائي  ڇڏيا .

اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ نيب پنڊي آفيس ۾ پيش ٿيو،سمورن سوالن جا جواب جمع ڪرائڻ کانپوءِ هو واپس هليو ويو.

اڳوڻي وزير اعظم پيٽروليم جي وزارت جو ريڪارڊ به نيب وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو.

جمع ڪرايل جوابن ۾ شاهد خاقان عباسي  نيب جي پڇيل سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

هن پاران جمع ڪرايل جوابن ۾ چيو ويو آهي ته ايل اين جي  ٺاهه ڏيهي ۽ پرڏيهي قانونن مطابق ڪيا ويا.

هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي بحران سبب قطر کان ايل اين جي خريد ڪئي وئي،جڏهن ته قطر کان ايل اين جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهه تي خريد ڪئي وئي.

نيب کان واپسي کانپوءِ شاهد خاقان عباسي  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوالن جا جواب ته هڪ ذات ڏيندي آهي،نيب جڏهن به گهرائيندو هليو ايندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*