سجاول ۾وڪيل جي گهر ۾ ڌاڙي خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

سجاول ۾وڪيل جي گهر ۾ ڌاڙي خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ضلعي بار ايسوسيشن جي صدر لياقت علي جماري جي اڳواڻي ۾ سول ڪورٽ کان ريلي ڪڍي.

ريلي ۾ شامل وڪيلن ھڪ ڪلو ميٽر مارچ ڪري  مختلف  چوڪن کان گشت ڪندي مين بس سٽاپ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته سجاول جي وڪيل زين العابدين جماري جي گھر ۾ ڌاڙي کي 15ڏينھن ٿي ويا آھن، پر چوري واپس نه ملي آھي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته وڪيل زين العابدين جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*