سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي ٽائون آفيسر کي هٽائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي ٽائون آفيسر کي هٽائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ظفر احمد راجپوت تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين مير ڏنل ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾ ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر جا وڪيل ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو ۽ ايڊووڪيٽ سيد جعفر شاهه عدالت ۾ پيش ٿيا.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽائون آفيسر گوهر ڦلپوٽي جي مقرري رد ڪري ڪو نئون آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

ٽائون آفيسر جي وڪيل ملاڻي عدالت کي ٻڌايو ته ٽائون چيئرمين مير ڏنل ٽالپر اڳ وحيد ڊومڪي کي به رليو ڪيو هو، نئين آيل ٽائون آفيسر گوهر ڦلپوٽو کي چارج نٿي ڏني وڃي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواستگذار ۽ ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين مير ڏنل ٽالپر جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ٽائون آفيسر گوهر ڦلپوٽو کي ڪوٽڏيجي جي ٽائون ڪميٽي ۾ ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*