ڪراچي ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڪراچي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر سيد وحيد الرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڪراچي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر سيد وحيد الرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو، وڏي وزير واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

فيڊرل بي ايريا جي علائقي دستگير واري علائقي ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پروفيسر سيد وحيدالرحمان مارجي ويو.

مقتول جو تعلق ڪراچي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي سان هو، واقعي بعد ڪراچي يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل بند ٿي ويو.

مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو، سندس لطيف اسڪوائر واري رهائشگاهه تي دوستن ۽ مٽن مائٽن جي پهچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

وڏي وزير قائم علي شاهه واقعي جي مذمت ڪندي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*