لکي غلام شاھ. لڳ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ڪارنهن تڪرار تان ڇڪتاڻ برقرار آهي

لکي غلام شاھ. لڳ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ڪارنهن تڪرار تان ڇڪتاڻ برقرار آهي، ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، هڪ ڌر جي عورتن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

 10 ڏينهن اڳ چڪ لڳ ڳوٺ امان الله جاگيراڻي ۾ڪارنهن جي معاملي تان روشن جي دڪان تي ڪاهه ڪرڻ کانپوءِ ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو هو.

 فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا حضوربخش ۽ ٻي ڌر جو علي حسن زخمي ٿي پيا هئا.

جهيڙي کانپوءِ ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن.

ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس ھڪ جوابدار روشن جاگيراڻي کي جيل موڪلي ڇڏيو .

ڪيس داخل ٿيڻ بعد حضوربخش واري ڌر جي عورتن مسمات زرگل، مسمات زرينا، مختيار خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين چيو ته پوليس سندن خلاف بناجواز ڪيس داخل ڪري رهي آهي.

ايس ايڇ او يار محمد ڀيو ٻڌايو ته قانوني طور تي ٻنهي ڌرين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي،معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*