حضرت قلندر لعل شھباز  جي 767 ھين عرس مبارڪ  جو اڄ آخري ڏينهن

حضرت قلندر لعل شھباز  جي 767 ھين عرس مبارڪ  جو اڄ آخري ڏينهن، اڄ سنڌ جو وڏو وزير سيوهڻ پهچي قلندر جي مزار تي  چادر چاڙهيندو، شام جو شهباز ايوارڊ جي تقريب ٿيندي.

قلندر لعل شھباز جي 767 ھين عرس مبارڪ جون آخري ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن.

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ عرس جي آخري ڏينهن سيوهڻ پهچي قلندر جي مزار تي چادر چاڙهيندو.

 شام جو شهباز ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب ٿيندي، چيف سيڪريٽري سنڌ ايوارڊ ورهائيندو، شام جو ملاکڙو به ٿيندو، رات جو راڳ رنگ جي محفل ٿيندي،سڀاڻي عقيدتمندن جي واپسي شروع ٿي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*