اوٻاوڙي ۾ بجليءَ جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف رهواسي ٻارڙن سميت واپڊا آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

اوٻاوڙي ۾ بجليءَ جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف رهواسي ٻارڙن سميت واپڊا آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شهباز لعل پاڙي ۾ 12 ڏينهن کان بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف عبدالوهاب نهڙ پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت واپڊا ايس ڊي او آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙ عبدالوهاب ٻڌايو ته سڙيل ٽرانسفارمر کي ٻارنهن ڏينهن گذري ويا آهن پر واپڊا وارن جي نااهلي سبب ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو ويو آهي.

اوٻاوڙي جي  ايس ڊي او احتجاج واري هنڌ تي پهچي شهري کي خاطري ڪرائيندي چيو ته مسئلو حل ٿي ويندو، بعد ۾علامتي بک هڙتال ختم ڪئي وئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*