نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب  اڳوڻي ايم اين اي شهاب الدين جي پٽ جلال الدين جي فوري آزادي جو مطالبو

 نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب  اڳوڻي ايم اين اي شهاب الدين جي پٽ جلال الدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جلال الدين کي باجوڙ کان هريپور مان ضلعي بدر ڪرڻ جو مقصد سچ لڪائڻ آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي ايم اين اي شهاب الدين جي پٽ جي ايم پي او تحت گرفتاري بدترين سياسي انتقام آهي.

هن چيو ته نيازي صاحب اهو اڳواڻ آهي جنهن ماضي ۾ سرڪاري ادارن، پارليامينٽ ۽ پوليس تي حملا ڪيا.

مريم اورنگزيب الزام هنيو ته عمران خان نيازي سراپا آمريت آهي، سياسي ڪارڪنن کي جيل ۾ وجهڻ  سان پي ٽي آءِ جي آمريت واري سوچ کلي ڪري سامهون اچي وئي آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته شهاب الدين جي پٽ جلال الدين کي ضلع بدر ڪرڻ فسطائيت جي انتها آهي، نِيچ ٽِڪساٽَن سان مخالفن کي  سچ ڳالهائڻ کان روڪي نٿو سگهجي.

ن ليگ ترجمان وڌيڪ چيو ته نيازي صاحب ايم پي او استعمال ڪرڻ سان توهان جي نا اهلي لڪي نٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*