موبائل فون سروس بند ڪرڻ بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي ڄاڻايو آهي

موبائل فون سروس بند ڪرڻ بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي ڄاڻايو آهي ته موبائل فون ڪمپنين وارا حوصلي کان ڪم وٺن،اسان به چئون ٿا ته ننڍن وڏن ايونٽس تي موبائل فون سروس بند نه ڪئي وڃي،جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيو ته موبائل فون ڪمپني جي سربراهه تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيندو.

سپريم ڪورٽ ۾ موبائل فون سروس بند ڪرڻ بابت ڪيس جي شنوائي ٿي،موبائل ڪمپنين جو وڪيل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل  عدالت ۾ پيش ٿيا.

موبائل ڪمپنين جي وڪيل عدالت اڳيان استدعا ڪئي ته ترڪ صدر جي آمد ۽ وزير اعظم جي جلسي سبب سروس بند ڪئي وڃي ٿي،جنهن سان ڳري نقصان کي منهن ڏيڻو پئي ٿو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هڪ مهيني جو وقت ڏنو وڃي،اڳڀرائي کان عدالت کي آگاهه ڪندس.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته قانون ۾ ترميم ٿيڻ ڏيو، ان کانپوءِ ڏسنداسين.

عدالت ڪيس جي شنوائي جون جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*