اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني نيب اسلام آباد اڳيان پيش  ٿي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني نيب اسلام آباد اڳيان پيش  ٿي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

 پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جعلي اڪائونٽس ڪيس سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي.

هن چيو ته 2009ع ۾ جعلي اڪائونٽس جو تصور ئي نه هو، مون نيب وارن کان پڇيو ته مون کي ڇو گهرايو ويو آهي.

هن چيو ته کيس ٻڌايو ويو ته  مون آصف زرداري کي  رقم ۽ گاڏيون ڏنيون.

اڳوڻي وزير اعظم واضح ڪيو ته  اڳوڻي صدر گاڏيون ڏيڻ جو فيصلو  منهنجو نه پارليامينٽ جو ڪم هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*