رتيديري شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ٻارن کي ايڊز هجڻ وارن ڪيسن ۾واڌ ٿي وئي آهي

          رتيديري ۽ ڀرپاسي ۾ ايڊز وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي، اڄ وڌيڪ ٻن ٻارن کي ايڊز هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ايڊز هجڻ وارن ڪيسن جو انگ وڌي 23 ٿي ويو.

رتيديري شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ٻارن کي ايڊز هجڻ وارن ڪيسن ۾واڌ ٿي وئي آهي.

سيانچ پاڙي جي 7 مهينن جي ثمر عباس جويو کي به ايڊز ٿي وئي، آغا خان ليبارٽري  ٻارڙي کي ايڊز هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

سيلرا ڳوٺ جي رهواسي علي رضا سيلرو به ايڊز جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويو.

اڄوڪي ڏينهن ٻن ٻارن کي ايڊز هجڻ جي تصديق ٿيڻ بعد ايڊز جي ڪيسز جو انگ وڌي 23 ٿي ويو.

رتيديري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ايڊز وگهي 4 ٻارڙا حياتيون به وڃائي چڪا آهن، ايڊز بابت ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ جو صحت کاتو سرگرم بڻجي ويو آهي.

ايڇ آءِ وي سنڌ جي انچارج ڊاڪٽر سڪندر اقبال سميت ٽن ڊاڪٽرن جي ٽيم ليب ٽيڪنيشن اسٽاف سميت رتيديري جي اسپتال پهچي ڪيمپ قائم ڪري ورتي،

ڪيمپ اندر طبي چڪاس جي نالي سان ڪائونٽر قائم ڪيو ويو آهي، جتي ايڊز جي مريضن جي رت جا نمونا ورتا پيا وڃن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*