راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ شاهدن کي 4 مئي تي ٻيهر طلب ڪري ورتو

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، اڳوڻي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ شاهدن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 4 مئي تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  جي جج راءِ محمد ايوب اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالتي حڪم باوجود شهيد بينظير ڀٽو جي گاڏي هلائيندڙ ڊرائيور جاويد الرحمان ۽ بلاول هائوس ڪراچي جو ترجمان عبدالرزاق ميراڻي پيش نه ٿيا.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته آمريڪي صحافي مارڪ سهگل ڏانهن موڪليل سمن تي به عمل ناهي ٿي سگهيو.

عدالت، شاهدن جي پيش نه ٿيڻ ۽ سمن تي عمل نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 4 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*