لاهور جي عدالت آڏو گلوڪارا ميشا شفيع ۽ علي ظفر جي هرجاڻي واري ڪيس ۾ شاهدن کان آڏي پڇا شروع ٿي وئي

لاهور جي عدالت آڏو گلوڪارا ميشا شفيع ۽ علي ظفر جي هرجاڻي واري ڪيس ۾ شاهدن کان آڏي پڇا شروع ٿي وئي.

لاهور جي مقامي عدالت ۾ ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر چيو ته منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي ميشا شفيع سان زيادتي جي حوالي سان مهم هلائي وئي.

هن چيو ته مون ايف آءِ اي وٽ شڪايت لکرائي ڇڏي آهي،الزام لڳائيندڙ ذاتي مفادن خاطر مهم هلائڻ بعد ڪيناڊا هليا ويا،منظم پلان تحت مون کي ٽارگيٽ ڪيو ويو.

علي ظفر چيو ته ميشا شفيع خلاف توهين جو ڪيس داخل ڪئي هڪ سال گذري چڪو آهي،جڏهن ته ميشا جو ڪيس ختم ٿي چڪو آهي،هن جي اپيل به رد ڪئي وئي.

هن چيو ته منهنجو ڪيس هرجاڻي جو آهي،هڪ سال گذري چڪو آهي،اسان جا شاهد 8 ڀيرا عدالت ۾ اچي چڪا آهن،ڪيس جو فيصلو جلد ڪيو وڃي ته جيئن سچ ۽ ڪوڙ ظاهر ٿين.

هن چيو ته اڄ کان شاهدن کان آڏي پڇا شروع ٿي وئي آهي،ميشا جا شاهد عدالت اچن ۽ ڪيس کي منهن ڏين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*