اسرائيل ۽ فلسطين بيت المقدس ۽ مسجد اقصيٰ سميت مقدس هنڌن تي امن قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

اسرائيل ۽ فلسطين بيت المقدس،مسجد اقصيٰ ۽ ٻين مقدس هنڌن جي آسپاس علائقن جو امن قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

لاطيني آمريڪي ملڪ پيرو جي عدالت لبنان جي شهري کي حزب الله تنظيم سان واسطي جي شڪ ۾ ڏيڍ سال سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

حڪومت پاران ڄاڻايل شخص خلاف مختلف عمارتن کي حملن جي رٿابندي جي الزامن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پيرو اختيارين جو چوڻ آهي ته محمد عمدار جنهن جو اصل نالو محمد غالب حمدار آهي ان کي 28 آڪٽوبر تي ليما مان گرفتار ڪيو ويو هو،پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل شخص شروع ۾ ڪوڙا دستاويز پيش ڪيا ۽ پاڻ کي سيراليون جو شهري ڄاڻايو.

پوليس موجب محمد غالب حمدار جي اپارٽمينٽ تي ڇاپي دوران فوج لاءِ ڪتب ايندڙ ڌماڪيدار مادو، ڊيٽونيٽرس، ٽي اين ٽي مادو ۽ گن پائوڊر هٿ ڪيو ويو.

جڏهن ته اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته حمدار ويڙهاڪ تنظيم حزب الله سان واسطو رکڻ جو به اعتراف ڪري چڪو آهي.

پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته حمدار جي قبضي مان ليما انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ حڪومتي ٽيڪس آفيس جون تصويرون پڻ هٿ آيون آهن وٽس دهشتگردي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

محمد حمدار سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته کيس هو دنيا ۾ حزب الله جي ڪنهن به ماڻهو کي نه ٿو سڃاڻي ۽ نه ئي هن پنهنجي زندگي ۾ ڌماڪيدار مادي کي هٿ لاتو آهي.

سندس چوڻ هو ته جاچ دوران اهلڪارن اعترافي بيان پاڻ ويهي لکيو ۽ مون کي چيو ويو ته جيڪڏهن مون اعترافي بيان تي صحيح نه ڪئي ته سڄي زندگي جيل ۾ گذارڻي پوندي ۽ مون خوفزده ٿي ان اعترافي بيان تي صحيح ڪئي.

پيرو جي ميڊيا رپورٽس موجب  پوليس انٽيليجنس نشاندهي ڪئي آهي ته حمدار ليما ۾ اسرائيلي سفارتخاني ۽ يهودي ڪميونٽي جي مختلف سينٽرن تي حملي جي پلاننگ ڪري رهيو هو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*