سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي خانگي گارڊز رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي خانگي گارڊز رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت فريال ٽالپر، فهميده مرزا ۽ اڳوڻن وزيرن کي حاصل سيڪيورٽي بابت تفصيل 11 مئي تي طلب ڪري ورتا آهن.

جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس سعيد الدين ناصر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سيڪيورٽي بابت داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت 11 مئي تي فريال ٽالپر، فهميدا مرزا، انور مجيد، اڳوڻن وزيرن جي سيڪيورٽي جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته ذوالفقار مرزا قانون موجب خانگي گارڊ رکي سگهي ٿو.

عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو به اڳوڻو وزير سرڪاري سيڪيورٽي جو حقدار ناهي ته اها پاليسي برابري جي بنياد تي لاڳو ڪئي وڃي.

عدالت پڇيو آهي ته فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ اڳوڻن وزيرن کي جنهن پاليسي تحت سيڪيورٽي ڏني وئي، اها رڪارڊ تي آندي وڃي، اهو به ٻڌايو وڃي ته ڪيترا پوليس اهلڪار ۽ گاڏيون سندن حفاظت تي لڳل آهن؟

عدالت ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ ذوالفقار مرزا کي مليل سيڪيورٽي به رڪارڊ تي آڻڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*