سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار کي مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو

سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ  خواجه اظهار کي مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته شهر يار مهر مخالف ڌر اڳواڻ جي عهدي تان استعيفي ڏئي ڇڏي آهي.

ايم ڪيو ايم جي 44 ميمبرن جي صحيحن سان جمع ڪرايل درخواست کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خواجه اظهار کي مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

خواجه اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسيمبلي ۾ سڌارن لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين ۽ مخالف ڌر ۾ شامل پارٽيون ساڻن سهڪار ڪن.

ان کان اڳ  فنڪشنل جو شهر يار مهر مخالف ڌر جو اڳواڻ هو، جنهن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*