سريلنڪا جي صدر ميٿريپالا سريسينا پاران ملڪ اندر دهشتگرديءَ جي واقعن کانپوءِ مسلمان عورتن جي برقعو پائڻ تي پابندي لڳائڻ واري اعلان تي اڄ کان عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي

سريلنڪا جي صدر ميٿريپالا سريسينا پاران ملڪ اندر دهشتگرديءَ جي واقعن کانپوءِ مسلمان عورتن جي برقعو پائڻ تي پابندي لڳائڻ واري اعلان تي اڄ کان عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. برقعي تي پابنديءَ جو اعلان گذريل ڏينهن صدارتي آفيس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو ويو هو.

صدر سريسينا جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن کانپوءِ برقعي سميت هر قسم جي حجاب تي پابندي لڳائڻ اڻٽر ٿي ويو آهي. صدر سريسينا جو چوڻ هو ته برقعو پائڻ يا منهن يا سڃاڻپ ڍڪيندڙ ڪنهن به قسم جو پردو هڪ سيڪيورٽي رسڪ آهي.

 سريلنڪا جي انٽيليجنس ادارن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا وڌيڪ واقعا پيش اچي سگهن ٿا. شهرين کي محتاط ۽ چوڪس رهڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن.

ايسٽر جي موقعي تي سريلنڪا ۾ گرجا گهرن ۽ هوٽلن تي هڪ ٻئي پٺيان ڪيل بم حملن ۾ 250 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 5 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. صدر سريسينا پاران  برقعي تي پابندي واري اعلان کانپوءِ ڪولمبو جي مختلف هوٽلن ۾ برقعي يا حجاب پهريل عورتن جي داخلا تي پابندي هنئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*