انڊونيشيا ۾ منشيات جي سمگلنگ جي ڏوهه ۾ 2 آسٽريلوي شهرين سميت 8 ڄڻن کي موت جي سزا ڏني وئي

انڊونيشيا ۾ منشيات جي سمگلنگ جي ڏوهه ۾ 2 آسٽريلوي شهرين سميت 8 ڄڻن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي جنهن تي آسٽريليا احتجاج طور انڊونيشيا کان پنهنجي سفير کي واپس گهرائي ورتو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اڄ صبح 8 ڄڻن کي منشيات جي سمگلنگ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا تي عمل ڪندي نوساڪمبگان ۾ موجود جيل ۾ موت جي سزا ڏني وئي.

 موت جي سزا آيلن ۾ 2 آسٽريلوي شهري،برازيل، گهانا، نائيجيريا، سلواسٽر ۽ انڊونيشيا جا پنهنجا شهري شامل آهن.

انڊونيشيا پاران آسٽريلوي شهرين کي موت جي سزا ڏيڻ کانپوءِ آسٽريلوي صدر ٽوني ايبٽ فوري طور رد عمل ظاهر ڪندي پنهنجي سفير کي واپس گهرائي ورتو آهي،سندس چوڻ آهي ته هاڻي انڊونيشيا سان ويجهي اتحادي طور تي تجارت نه ٿي ڪري سگهجي.

ٻئي پاسي برازيل حڪومت به انڊونيشيا جي اهڙي عمل تي سخت ڏک جو اظهار ڪندي سنگين واقعو قرار ڏنو آهي.

برازيل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انڊونيشيا برازيل جي صدر دلما روسيف جي همدردي ۽ معافي جي اپيل تي سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪيو.

ٻئي پاسي ساڳئي معاملي تي فلپائن جي هڪ عورت جي موت واري سزا تي عمل آخري وقت تي روڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته انڊونيشيا دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي منشيات خلاف قانون تمام سخت آهي ۽ منشيات جي سمگلنگ جي ڏوهه ۾موت جي سزا تي عملدرآمد تي 4 سالن جي پابندي کي سال 2013 ۾ ختم ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*