پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري ۾ پنهنجي ٻين پريڪٽس ميچ ۾نارٿمپٽن شائرجي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري ۾ پنهنجي ٻين پريڪٽس ميچ ۾نارٿمپٽن شائرجي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ميزبان ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلوڪيو ۽ مقرره 50 اوورس ۾ ڇهه وڪيٽن جي نقصان 273رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ ڪپتان جيمز ڪوب 146رنز جي شاندار اننگ کيڏي ناٽ رهي ٽاپ اسڪورر رهيو.

پاڪستان جي ٽيم پاران محمد عامر،جيند خان، محمد حسينن، عماد وسيم،ياسرشاهه۽ حارث سهيل هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

قومي ٽيم مخالف ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 274رنز جو ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد 41 اوورس ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري فتح حاصل ڪئي.

قومي ٽيم پاران فخرزمان 101 ۽ امام الحق 71رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا،جڏهن ته بابر اعظم 68۽سرفراز احمد 30رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي فتح ۾اهم ڪردار ادا ڪيو.

قومي ٽيم دوري جي ٽيئن پريڪٽس ميچ سڀاڻي ليسٽر شائر ڪائونٽي خلاف کيڏندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ  پنج مئي تي ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي.

پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف ٽي-ٽوئنٽي ۽ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ جوهانسبرگ پهچي وئي آهي.

پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت بسمه معروف ڪري رهي آهي.

قومي وومن ٽيم ايئرپورٽ ۽ جهاز ۾ بزنس ڪلاس ۾ ويهي سيلفيون ڪڍرايون.

پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف ٽي-ٽوئنٽي ۽ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾ رٿيل سيريز آءِ سي سي وومن چيمپيئن شپ جو حصو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 6مئي تي کيڏي ويندي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آلرائونڊر شعيب ملڪ جي موڪل جي درخواست پي سي بي منظور ڪري ورتي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آلرائونڊر شِعيب ملڪ جي موڪل واري درخواست پي سي بي منظور ڪري ورتي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مطابق شعيب ملڪ کي ذاتي مصروفيتن سبب موڪل ڏني وئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مطابق شعيب ملڪ ايندڙ ڏينهن ۾ ٽيم کي ٻهير جوائن ڪندو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ 5مئي تي کيڏي ويندي،جنهن بعد ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 8مئي تي کيڏي ويندي.

ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي اڳوڻي زال حسِين جهان پنهنجي ساهرن جي گهر ۾جهيڙو ڪرڻ تي پوليس حراست ۾ وٺڻ بعد ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا مطابق حسِين جهان گذريل آچر جي رات پنهنجي مڙس جي گهر پهتي،جنهن تي سندس ساهرن گهر مان نڪرڻ جو چيو ته هن پاڻ کي ٻارن سميت گهر جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو.

حسِين جهان جي اهڙي عمل خلاف محمد شامي جي  گهر ڀاتين پوليس کي گهرايو۽ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ناڪامي جي صورت ۾ حسِين جهان کي گرفتار ڪيو ويو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي حسِين جهان جو چوڻ هوته هوءِ پنهنجي مڙس جي گهر آئي هئي ۽ روز رات جو اتي ئي رهندي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سندس ساهرن ساڻس بدسلوڪي ڪئي آهي۽انهن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ کيس ٿاڻي تي پوليس وٺي آئي آهي.

واضح رهي ته محمد شامي انڊين پريمئير ليگ ۾ڪنگز اليون پنجاب جي ٽيم پاران کيڏڻ ۾مصروف آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*