نئون ديرو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾پاڙي وارن جي ڀت ڪرڻ سبب 7 ورهين جي نينگري دٻجي فوت ٿي وئي

نئون ديرو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾پاڙي وارن جي ڀت ڪرڻ سبب 7 ورهين جي نينگري دٻجي فوت ٿي وئي.

ڳوٺ کٿي ڪلهوڙا ۾ڪلثوم ڌيءَ بهرام ڪلهوڙو ڀت هيٺان دٻجي وئي، جنهن کي انتهائي نازڪ حالت ۾ اسپتال آندو پئي ويو ته نينگري اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.

 نينگري فوت ٿيڻ کانپوءِ اسپتال ۾ موجود سندس والد ۽ وارث روئيندي بيحال ٿي ويا.

اسپتال ۾نينگريءَ جي والد بهرام ڪلهوڙو صحافين کي ٻڌايو ته پاڙيسري رانجهڻ ڪلهوڙو جي گهر ۾ڪچي ڪوٺڙي ٺھيل آھي، جيڪا مضبوط ڪرائڻ جون شڪايتون به ڪيون پر هنن اسن جي هڪ نه ٻڌي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڙي وارن جي ڀت ڪرڻ سبب نياڻي ڪلثوم فوت ٿي وئي آھي.

هن مطالبو ڪيو ته ساڻس انصاف ڪري لاپرواهي ڪندڙ رانجهڻ ڪلهوڙو  خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*