سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضياءُ الحسن لنجار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي نيب جاچ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي

سنڌ  هاءِ ڪورٽ نيب کي اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ  جو ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب موجب ضياءَ لنجار  قانون واري وزير طور اختيارين جو ناجائز استعال ۽ سرڪاري ڪاليجز جا 13 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضياءُ الحسن لنجار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي نيب جاچ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ضياءُ الحسن لنجار عدالت کي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ نيب جاچ ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

نيب عدالت کي ٻڌايو ته ضيا4 لنجار سنڌ جي قانون واري وزير جي عهدي رهڻ دوران سرڪاري ڪاليجز جي فنڊز جا 13 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪرن سان گڏ اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، جوابدار خلاف جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، ريفرنس جي منظوري لاءِ معاملو نيب چيئرمين ڏانهن اماڻيو آهي.

عدالت نيب کي ضياءَ لنجار خلاف ٽن هفتن اندر ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*