ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارن جون فوتگيون رڪجي نه سگهيون

ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارن جون فوتگيون رڪجي نه سگهيون، وڌيڪ 3 ٻار فوت ٿي ويا، هلندڙ سال دوران  فوت ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 295 ٿي ويو.

ڳوٺ لوڻيهار جي رهواسي رانجهو ڀيل جو هڪ ڏينهن جو پٽ ۽ ڳوٺ مِٺڙيو ڀَٽي  واسي لڇمڻ ٺَڪر جو تازو ڄاول پُٽ سول اسپتال مٺي ۾فوت ٿي ويا.

هوڏانهن ڳوٺ ملڪام واسي خيردين سنگراسي جو 15 ڏينهن جو پُٽ مصري  سنگراسي ڇاڇرو تعلقي اسپتال ۾  فوت ٿي ويو.

هلندڙ سال جي 4 مهينن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو تعداد وڌي 295 ٿي ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*