سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جي خريداري واري پاليسي بابت نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جي خريداري واري پاليسي بابت نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس عبدالرشيد سومرو ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ آبادگارن عرفان جتوئي ۽ شير علي جتوئي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر فوڊ  ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ توڙي ٻيا عملدار پيش ٿيا.

خوراڪ کاتي جي عملدارن ٻڌڻي دوران عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ ڪابينا جي اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ڪڻڪ جي خريداري بابت پاليسي واضح ڪئي ويندي.

عدالت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڪڻڪ خريداري بابت پاليسي تحت جاري ٿيندڙ نوٽيفيڪشن طلب ڪندي ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*