پاڪستان ڀارت سميت ٻين ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر ڀارت پاڪستان طرفان بهتر لاڳاپن جي خواهش جو جواب ناڪاري انداز ۾ ڏنو آهي: وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سميت خطي جي ٻين ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر  ڀارت پاڪستان طرفان بهتر لاڳاپن جي خواهش جو جواب  ناڪاري انداز ۾ ڏنو آهي.

سعودي عرب جي هڪ  اخبار کي پاڪ-ڀارت لاڳاپن بابت ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه جو ڪو به مثبت اشارو نه مليو آهي ته ڀارت ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان ڳالهين جو عمل هڪ طرفي طور تي ختم ڪيو آهي، ۽ هندستان طرفان ڳالهين جي بحالي لاءِ ڪي به ڪوششون نه پيو ڪيو وڃن.

نواز شريف چيو ته پاڪستان ڀارت سان والاريل ڪشمير سميت سمورن معاملن تي تعميري ڳالهين جو خواهشمند آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سميت خطي جي ٻين ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، ڀارت پاڪستان طرفان بهتر لاڳاپن جي خواهش جو جواب منفي انداز ۾ ڏنو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*