حڪومت رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ عوام کي مهانگائي جو تحفو ڏيڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن

حڪومت رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ عوام کي مهانگائي جو تحفو ڏيڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پهرين مئي کان تيل اگهن ۾ 14 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.

پهرين مئي کان پيٽروليم شين جَي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي، ان حوالي سان اوگرا ردو بدل کانپوءِ سمري پيٽروليم واري ڊويزن کي اماڻي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت 14 رپيا 37 پئسا في ليٽر واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ليٽر 4 رپيا 89 پئسا واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 40 پئسا ۽ گاسليٽ 7 رپيا 56 پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.

پيٽروليم واري وزارت پاران سمري جي منظوري بعد ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي ويندي، جڏهن ته وزيراعظم جي حتمي منظوري کانپوءِ نوان اگهه پهرين مئي کان لاڳو ٿيندا.

واضح رهي ته آگسٽ 2018 کان اپريل 2019 تائين وفاقي حڪومت چار ڀيرا پيٽروليم شين جَي اگهن ۾ واڌ ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هڪ مهيني ۾قيمتن کي برقرار رکيو ويو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*