احتساب عدالت  آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ آف شور ڪمپنين جي ڪيس ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ عليم خان  جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

احتساب عدالت  آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ آف شور ڪمپنين جي ڪيس ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ عليم خان  جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.عدالت جوابدار کي 13 مئي تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس  ۽ آف شور ڪمپنين جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آئي اڳواڻ عليم خان جي  جوڊيشل ريمانڊ ختم ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج جواد الحسن ڪيس جي شنوائي ڪئي.ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

شنوائي دوران احتساب عدالت معلوم ڪيو ته  ڇا عليم خان جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته عليم خان جي خلاف جاچ اڃان جاري آهي.

احتساب عدالت جي جج ٻيهر پڇيو ته  جاچ رپورٽ تيار ٿي يا نه؟ ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته رپورٽ تيار نه ٿي آهي، جيئن ئي تيار ٿيندي پيش ڪئي ويندي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين جيل ۾ رکي نٿو سگهجي،ايندڙ شنوائي تي رپورٽ مڪمل ڪري پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*