سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر  روهڙي سيمينٽ فيڪٽري جي ليز ۽ لائسنس بابت درخواست جي ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر  روهڙي سيمينٽ فيڪٽري جي ليز ۽ لائسنس بابت درخواست جي ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ظفر احمد راجپوت تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

مائنز اينڊ منرل کاتي جو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ڊائريڪٽر، ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شفيع محمد چانڊيو ۽ ٻيا ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيش ٿيا.

وڪيل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته پهرين را مٽيريل جو ريٽ 37 پئسا هيو، هاڻي في مڻ 9 رپيا ۽ 12 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

جسٽس محمد شفيع صديقي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾سيمينٽ فيڪٽري جي لاءِ را مٽيريل في  5 هزار کان وڌيڪ هئڻ گهرجي،

عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري  ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*