ڪنڌڪوٽ ۾ تاريخي گهنٽاگهر هيٺيان گئس ليڪيج هجڻ سبب گهنٽاگهر جي چوديواري ڌماڪي سان ٽٽي پئي

ڪنڌڪوٽ ۾ تاريخي گهنٽاگهر هيٺيان گئس ليڪيج هجڻ سبب گهنٽاگهر جي چوديواري ڌماڪي سان ٽٽي پئي، جنهن دوران شهرين ۾خوف پکڙجي ويو.

 گهنٽاگهر کي ڏنل چوديواري گئس ليڪيج سبب ڌماڪي ساڻ ٽٽڻ جي نتيجي ۾پري پري تائين سرون پکڙجي ويون.

ڌماڪو ٿيڻ بعد مصروف ترين گهنٽاگهر چوڪ وٽ موجود دڪانن جي مالڪن، مزدورن توڙي شهرين ۾ افراتفري مچي وئي.

هڪ فوٽو اسٽيٽ واري جو چوڻ هيو ته گهنٽاگهر اڳ  ئي زبون آهي، انتظاميا پي پي ايل کان ڪروڙين رپين جا فنڊز وٺڻ باوجود به ان جي مرمت نه ڪرائي، جنهن جي ڪري واقعو پيش آيو آهي.

شهرين مطالبو ڪيو ته گهنٽاگهر جي ٻيهر مرمت ڪرائي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*