پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کان پهرين انگلينڊ خلاف پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچ تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ انگلينڊ ۾ موجود آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري۾ڪينٽ ۽نارٿمپٽن شائر ڪائونٽي خلاف کيڏي ويل پريڪٽس ون ڊي ميچز ۾ڪاميابي بعد اڄ ليسٽرشائرڪائونٽي خلاف ٽي-ٽوئنٽي پريڪٽس ميچز کيڏندي.

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کان پهرين انگلينڊ خلاف پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچ تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ انگلينڊ ۾ موجود آهي.

ڪينٽ ڪائونٽي خلاف پهرين ون ڊي ۽نارٿمپٽن شائر ڪائونٽي خلاف کيڏي ويل ٻين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جومظاهروڪندي ڪاميابيون ماڻيون.

اڄ قومي ٽيم ليسٽر شائر ڪائونٽي خلاف ٽي-ٽوئنٽي ميچ کيڏندي پاڪستاني ٽائم مطابق رات ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿيندي.

گذريل ڏينهن قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ڪوچنگ اسٽاف گهڻو وقت رانديگرن کي نيٽ ۾ بالنگ ۽ بيٽنگ جي پريڪٽس ڪرائي.

——————–

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ڪرڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين محسن حسن خان جو چوڻ آهي ته ورلڊڪپ ۾ ميرٽ جوخيال رکيو ويو ته پاڪستان ميگا ايونٽ ضرور پنهنجي نالي ڪندو.

ڪراچي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن حسن خان چيوته جيڪڏهن ميرٽ جو خيال رکيو ويو ته قومي ٽيم ورلڊڪپ ٽرافي پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ڪامياب ٿي سگهي ٿي.

هن اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي مخالفت ڪندي چيوته ڪوبه ميمبر ڪجهه به چوي پر ڪرڪيٽ ڪاميٽي جو وجود آهي ۽هو ان ڪميٽي جوچيئرمين آهي.

ڊپارٽمنٽ جي ڪرڪيٽ جي حوالي ڳالهائيندي چيو ته ڊپارٽمنٽ ڪرڪيٽ جي هميشه پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري بيٽسمين جاويد مياندار هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان خلاف ڳالهائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ماڻهو روزي لاءِ پريشان آهن ۽ توهان ڊپارٽمنٽ ڪرڪيٽ ختم ڪري قوم جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيا آهيو.

اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد هڪ چيو ته معاشي حالتن سبب پهرين ئي معاشري ۾بيچيني تمام گهڻي وڌي رهي آهي.

هن چيو ته جنهن ماڻهن وٽ نوڪري نه هوندي اهو ڪرڪيٽ تي ڪهڙي طرح ڌيان ڏئي سگهي ٿو.

جاويد ميانداد وڌيڪ چيوته ڪرڪيٽ بورڊ صرف ايترو ٻڌائي ته ڊپارٽمنٽ ڪرڪيٽ مان بيروزگار ٿيل رانديگرن کي ڪٿي نوڪري ڏئي سگهي ٿو.

جاويد ميانداد جو وڌيڪ چوڻ هوته عبدلحفيظ ڪاردار هڪ ذهين ڪرڪيٽر هو،جنهن ڊپارٽمنٽ ڪرڪيٽ شروع ڪرائي.

جاويد ميانداد جو وڌيڪ چوڻ هوته ڊپارٽمنٽ ڪرڪيٽ لساني جهيڙن کي ختم ڪيو ۽پنجاب ۽ ڪراچي وچ ۾ پراني نفرتن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

——————-

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد جو شمار جارحاڻن ڪپتانن جي لسٽ ۾ ڪيو ويندو آهي.

سرفراز احمد اڪثر ميچز ۾ ساٿي رانديگرن تي ڪاوڙ ڪندو رهيو آهي ساڳئي جاءِ تي هو ٽيم جي رانديگرن کي تمام گهڻو پيار پڻ ڪندو آهي.

نارٿمپٽن شائر ڪائونٽي خلاف کيڏي ويل ٻين ون ڊي ميچ دوران ڪپتان سرفراز احمد مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم کي لت وهائي ڪڍي ۽ اها وڊيو سو شل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سرفراز احمد ۽بابر اعظم ڳالهائيندي اڳتي هلي رهيا هئا ته اوچتو سرفراز احمد بابر اعظم کي مذاق ۾ لت وهائي ڪڍي،جنهن بعد ٻئي رانديگر کلندا کلندا پنهنجي پوزيشنز تي هليا ويا.

——————-

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي مٿان ڌوڪو ڏيڻ جو الزام لڳي ويو آهي،هڪ نجي بيوريج ڪمپني آفريدي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي.

نجي بيوريج ڪمپني شاهد آفريدي کان ڇهه ڪروڙ هرجاڻو ۽ڪار واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

نجي ڪمپني مطابق آفريدي معاهدي باوجود ٻيئن ڪمپني سان معاهدو ڪيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهد آفريدي کي جواب ڏيڻ لاءِ 28مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.

——————–

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني پيئسو لٽائڻ جي حد ڪري ڇڏي آهي، چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کي هڪ سال نه ٿيو آهي، پرهو هن وقت تائين 65لک روپيه کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪو آهي.

پي سي بي چيئرمين احسان ماني جون شاهه خرچين حد ڪري ڇڏي آهي۽ صرف گذريل ست مهينن دوران هن 65 لک روپيه خرچ ڪيو آهي.

احسان ماني پي سي بي مان پگهار نه ٿو وٺي پر هن رهائش جي مد ۾20لک کان وڌيڪ لڳائي ڇڏيا آهن.

گاڏي ۽ڊرائيور جي مد ۾ ساڍا چار لک روپيه خرچ ڪري چڪو آهي.

احسان ماني ڪيترائي ملڪي دورا ڪيا آهن،جنهن دوران هن سوا ٽي لک روپيه خرچ ڪيو،جڏهن ته ملڪ اندر سفر ڪرڻ تي اڍائي لک روپيه خرچ ڪيو آهي.

بورڊ آف گورننگ به ڪنهن کان پوئتي نه آهي ۽ٽن ميٽنگز ۾29لک روپيه خرچ ڪيو آهي.

——————-

انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ ايلڪس هيلز جي جاءِ تي جيمز وينس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.

انگلش سليڪٽرز پاڪستان خلاف رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ جيمز وينس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.

انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان خلاف سيريز کان پهرين جمعي تي ڊبلن ۾آئرلينڊ جي ٽيم خلاف ون ڊي ميچ کيڏندي.

پاڪستان ۽انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ پنج مئي تي شيڊيول آهي،جڏهن ته ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ  مئي تي کيڏي ويندي.

منشيات جي استعمال تي معطلي سبب انگلش بيٽسمين ايلڪس هيلز پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز ۽ڪرڪيٽ ورلڊڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

——————–

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*