پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۽ واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ کان پهرين کيڏي ويل پريڪٽس ميچز ۾ ٽيم شاندار پرفارمنس جومظاهرو ڪيو آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۽ واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ کان پهرين کيڏي ويل پريڪٽس ميچز ۾ ٽيم شاندار پرفارمنس جومظاهرو ڪيو آهي.

ليسٽرشائر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊڪوچ چيو ته ڪينٽ ڪائونٽي ۽ نارٿمپٽن شائر ڪائونٽي خلاف کيڏي ويل ون ڊي پريڪٽس ميچز ۾ ڪاميابي بعد ٽيم ليسٽر شائر ڪائونٽي خلاف ٽي-ٽوئنٽي پريڪٽس ميچ ۾ شاندار فتح حاصل ڪئي آهي.

هن چيو ته انگلينڊ خلاف رٿيل اهم ون ڊي سيريز کان اڳ پريڪٽس ميچز ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيوآهي.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر وڌيڪ چيوته پنج تاريخ تي انگلينڊ خلاف واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ رٿيل آهي، جنهن بعد ون ڊي سيريز کيڏي ويندي.

هن چيو ته هو ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي مان تمام گهڻو مطئمن آهي۽ پراميد آهي ته ٽيم ميزبان ٽيم خلاف ون ڊي سيريز ۾ به فتح حاصل ڪندي ۽ اها ون ڊي سيريز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي ڪامبينيشن ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

——————-

بابراعظم جي شاندار سنچري ۽ فخرزمان جي ففٽي سبب قومي ٽيم ليسٽرشائرڪائونٽي خلاف کيڏي ويل ٽي-ٽوئنٽي پريڪٽس ميچ ۾هڪ طرفي مقابلي بعد 58رنز تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

ليسٽرشائر ڪائونٽي جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان  ٽيم جي اوپنرز فخرزمان ۽ بابر اعظم شاندار بيٽنگ جومظاهرو ڪندي پهرين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾104رنز جوڙيون.

بابر اعظم 101۽فخرزمان 52رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيا، جڏهن ته آصف علي 22، فهيم اشرف 11، عماد وسيم4۽ ڪپتان سرفراز احمد 3رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ليسٽرشائر ڪائونٽي پاران مائيڪ 3،ڪلين ٻه، جڏهن ته ڊيوس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ليسٽر شائر ڪائونٽي پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 201رنز جوٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽پوري ٽِيم 19ڏهائي 2 اوورس ۾ 142رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

ليسٽر شائر ڪائونٽي پاران مائيڪ 37۽پارڪنِسن 27رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

پاڪستان پاران عماد وسيم۽شاهين شاهه آفريدي ٻه-ٻه، جڏهن ته فهيم اشرف، حسن علي،محمد حسنين۽حارث سهيل هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

——————-

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر انضمام الحق عيد الفطر بعد ورلڊڪپ ۾ پاڪستان جي ٽيم جون ميچز ڏسڻ لاءِ انگلينڊ ويندو.

ذريعن مطابق اڳوڻي ٽيسٽ بيٽسمين انگلينڊ جي دوري ۾ ٻن هفتن تائين رهندو.

انضمام الحق جو ورلڊڪپ جي لاءِ ٽيم جي چونڊ آخري امتحان آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انضمام الحق کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ بابت پڇاڳاڇا ڪئي آهي.

پي سي بي سان سندس معاهدي ۾ واڌ جو دارو مدار انضمام الحق جي رضامندي تي آهي ۽ هو ورلڊڪپ بعد ڪرڪيٽ بورڊ کي جواب ڏيندو.

——————-

اڳوڻي ڪپتان بوم بوم شاهد آفريدي پنهنجي سينيئر ۽ڪوچ وقاريونس کي گهٽ درجي جو ڪپتان ۽ خطرناڪ ڪوچ قرار ڏئي ڇڏيوآهي.

پنهنجي ڪتاب گيم چينجر ۾ شاهد آفريدي اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته جاويد ميانداد کيس پسند نه ڪندو هو.

اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي زندگي بابت ڪتاب منظر سامهون اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي انڪشاف ڪيا ويا آهن.

ڪتاب ۾ شاهد آفريدي وقاريونس کي گهٽ درجي جو ڪپتان قرار ڏيندي  چيوته وقاريونس ۽ وسيم اڪرم وچ ۾ همِيشه تڪرار  رهيو.

شاهد آفريدي وڌيڪ لکيو آهي ته وقاريونس جڏهن کان ڪوچ ٿيو، تڏهن کان سندس ۽ وقاريونس وچ ۾ اختلاف وڌيا.

ڪتاب ۾ شاهدي آفريدي جاويد ميانداد سان اختلافن بابت پڻ ٻڌايو آهي ته مياندار کيس پسند نه ڪندو هو.

ڪوچ جي حيصيت سان جاويد ميانداد کيس وقت نه ڏيندو هو.

——————-

پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين پريڪٽس ميچ ۾ڇوڪرن جي انڊر 17ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 136رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پوچ فيسٽروم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ پاڪستان ويمنز ٽيم نارٿ ويسٽ انڊر 17بوائز ٽيم خلاف پهرين بيٽنگ ڪندي 8وڪيٽن جي نقصان تي 50 اوورس ۾ 232رنز اسڪور ڪيون.

پاڪستان پاران عاليا رياض شاندار آلرائونڊ پرفارمنس جومظاهرو ڪيو.

عاليا رياض بيٽنگ ۾ ففٽي اسڪور ڪرڻ سان گڏ ميچ ۾ ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون.

جواب ۾ ڇوڪرن جي ٽيم صرف 96رنز تي ڍير ٿي وئي.

——————-

چيمپيئنز فٽبال ليگ جي سيمي فائنل جي پهرين ليگ ۾انگلش ڪلب ٽوٽنهام هاٽسپر جي ٽيم کي آئيس ڪلب هٿان هڪ طرفي مقابلي بعد ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست نصيب ٿي.

ميچ۾ فتح حاصل ڪرڻ بعد آئيس فٽبال ڪلب کي پوائنٽس ٽيبل تي برتري حاصل ٿي وئي آهي.

ٽوٽنهام۾ کيڏي ويل پهرين ليگ ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي هيري ڪين ۽ هيونگ من بغير ميدان ۾ لٿي.

ميچ جي پهرين هاف ۾ ڊفينڊريان ورٽونگن جي انجري سبب مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو.

ميچ جي 15هين منٽ ۾آئيس فٽبال ڪلب جي مڊفيلڊر وين ڊي بيڪ گول اسڪور ڪري ٽيم کي برتري ڏياري فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*