اسلام آباد پوليس، ڊرون حملن جو ڪيس آمريڪي ڳجهي اداري سـِي آءِ اَي جـَي اڳوڻي چيف خلاف داخل ڪرڻ بعد خارج ڪري ڇڏيو

 سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي پوليس موجب، علائقو دائري ۾ نه اچڻ سبب ڪيس خارج ڪيو ويو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، هڪ شهري جي درخواست تي ڊرون حملن جو ڪيس آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي اڳوڻي چيف خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالتي حڪم بعد پوليس، ڊرون حملن جو ڪيس سي آءِ اي جي اڳوڻي چيف خلاف اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي داخل ڪرايو، جنهن بعد ڪيس خارج به ڪيو ويو.

سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي ڪيس داخل ڪيو پر علائقو سندن دائري ۾ نٿو اچي، ان ڪري ڪيس کي خارج ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس سيڪريٽري فاٽا کي ٽرانسفار ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڊرون حملن سبب متاثر ٿيل ڪريم خان هڪ شهري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي سي آءِ اي چيف کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس ڀاءُ ۽ پٽ ڊرون حملي ۾مارجي ويا هئا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*