پشاور جي علائقي متني ۾ڪائونٽي ٽيررزم فورس ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو

پشاور جي علائقي متني ۾ڪائونٽي ٽيررزم فورس ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته بلوچستان جي شهر گوادر ۾ ايف سي ڪارروائي دوران 6 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ڪائونٽي ٽيررزم فورس موجب، متني واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري  دهشتگرد ملڪ نور کي گرفتارڪيو ويو، جنهن جو واسطو باجوڙ ايجنسي سان آهي.

ڪائونٽر ٽيررزم فورس موجب، گرفتار دهشتگرد جي سر تي 5 لک رپيا انعام رکيو هو، دهشتگرد جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

هوڏانهن بلوچستان جي علائقي گوادر ۾فرنٽيئر ڪور سرچ آپريشن ڪري 6 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري روتو آهي.

ايف سي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، گوادر جي مختلف علائقن ۾ فرنٽيئر ڪور ڳجهي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو.

ايف سي ترجمان موجب، سرچ آپريشن دوران 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، گرفتار دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*