پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف رٿيل واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ڪارڊف ۾ پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪندي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف رٿيل واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ڪارڊف ۾ پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري کان پهرين ڪينٽ ۽ نارٿمپٽن شائر ڪائونٽي خلاف ون ڊي پريڪٽس ميچز ۽ ليسٽر شائر ڪائونٽي خلاف ٽي-ٽوئنٽي ميچ کيڏي، جنهن ۾ ٽيم کي فتح حاصل ٿي.

پنج تاريخ تي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾سيريز جي واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ رٿيل آهي.

ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ اڄ پريڪٽس سيشن ۾شرڪت ڪندي.

پاڪستان جي ٽيم کي انگلينڊ خلاف رٿيل واحد ٽي-ٽوئنٽي ۽ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کان پوءِ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ حصو وٺڻو آهي، جنهن سبب ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي ۽ اڄ ٽيم پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

——————-

گيم چينجر ڪتاب ۾ شاهد آفريدي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل بابت پهرين ئي ڄاڻ هئي، جنهن سبب هن ٽيسٽ جي قيادت ڇڏي.

شاهد آفريدي ڪتاب ۾ پنهنجي گهٽ عمر جو به اعتراف ڪيو ، جڏهن ته بوم بوم گوٿم گهمبير کي مغرور انسان قرار ڏنو.

گيم چينجر نالي ڪتاب ۾ شاهد آفريدي جا وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته کيس اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي پهرين کان ڄاڻ هئي.

سندس چوڻ آهي ته مظهر مجيد جي موبائل مان رانديگرن جا ميسيجز مليا ۽ثبوتن سان ٽيم منجيمنٽ کي اگاهه ڪيو، پر ڪنهن ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو.

شاهد آفريدي چيو ته پوري سيٽ اپ تان اعتبار کڄي ويو هو ، جنهن سبب ٽيسٽ جي قيادت کان ڌار ٿي ويس.

——————-

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019۾ جتي ڪيترائي نوان چهرا ايڪشن ۾ نظر ايندا ، اتي ڪيترائي رانديگر پنهنجي ڪيريئر جوآخري ورلڊڪپ کيڏندا.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019ڪيترن ئي عظيم رانديگرن لاءِ آخري ميگا ايونٽ هوندو.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ ويسٽ انڊين بيٽسمين ڪرس گيل آخري ڀيرو ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ نظر ايندو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻوڪپتان شعيب ملڪ ۽ نالي واري آلرائونڊر محمد حفيظ جو هي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ڪيريئر جو آخري ايونٽ هوندو.

ڪپتان جي حيصيت سان ڀارتي ٽِيم کي ون ڊي ورلڊڪپ، ٽي-ٽوئنٽِي ورلڊڪپ ۽ چيمپيئنز ٽرافي جو ايونٽ کٽرائيندڙ مهيندر سنگهه ڌوني جو به هي آخري ورلڊڪپ آهي.

بنگلاديشي ڪتپان مشرفي مرتضيٰ ۽ ڪيوي بيٽسمين روز ٽيلر جو پڻ آخري ڪرڪيٽ ورلڊڪپ آهي.

ان کان سواءِ سري لنڪا جي لاسٿ ملنگا،ڏکڻ آفريڪي ڊيل اسٽين ،هاشم عاملا ۽عمران طاهر ميگا ايونٽ ۾ آخري ڀيرو نظر ايندا.

——————-

سري لنڪن ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ڪمار سنگاڪارا ايم سي سي جو نئون صدر  چونڊ جي ويو آهي ۽ هو آڪٽوبر مهيني ۾ پنهنجو عهدو سنڀاليندڙ پهريون غير برطانوي هوندو.

گذريل ڏينهن سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪمار سنگار ڪارا لاءِ يادگار ثابت ٿيو، جڏهن هو ميلبورن ڪرڪيٽ ڪلب  جو صدر بڻجي ويو.

لندن ۾ ٿيندڙ سالياني جنرل باڊي اجلاس بعد ڪمار سنگاڪارا جي مقرري جو اعلان ويندو.

——————-

پاڪستان جي نالي واري فاسٽ بالر ۽راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر ويسٽ انڊيز جي عظيم ڪرڪيٽر برائن لارا کي سندس 50هين سالگرهه تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام۾شعيب اختر برائن لارا کي عظيم بيٽسمين قرار ڏيندي چيو ته وڏوافسوس آهي ته صرف ٽي ڀيرا توهان کي بالنگ ڪئي ۽ اهو ڪيئن ڪجي؟

شعيب اختر وڌيڪ چيو ته هڪ نيٽ سيشن ٿي سگهي ٿو، پر هن ڀيري بائونسرز نه هوندا.

شعيب اختر سيپٽمبر 2004۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي هڪ تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ برائن لارا بائونس لڳڻ بعد زمين تي هيٺ ڪري پيوآهي ۽شعيب اختر کيس اٿڻ ۾مدد ڪري رهيو آهي.

برائن لارا ويسٽ انڊيز پاران 131ٽِيسٽ ۽299ون ڊي ميچز ۾ کيڏيون.

برائن لارا جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور 400۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 169رنز رهيو.

——————-

چيمپيئنز ليگ جي سيمي فائنل جي پهرين ليگ ۾ اسپينش ڪلب بارسلونا هڪ طرفي مقابلي بعد ليورپول جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

نو ڪيمپ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل چيمپيئنز ليگ جي سيمي فائنل جي پهرين ليگ ميچ جي 26هين منٽ ۾لوئز سواريز گول اسڪور ڪري ٽيم کي برتري ڏياري ورتي.

ميچ جي ٻئين هاف ۾ اسٽار فٽبالر ليونل ميسي جو جادو عروج تي پهتو ۽ سندس فري هٽس کي مخالف ٽيم جو گول ڪيپر ۽ رانديگر روڪڻ ۾ناڪام رهيا.

اسٽار فٽبالر ليونل ميسي ست منٽ ۾ ٻه گول اسڪور ڪري ٽيم کي مخالف ٽيم خلاف ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*