اليڪشن ٽربيونل لاهور، قومي تڪ اين اي هڪ سئو 25 تي محفوظ ڪيل فيصلو 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

اليڪشن ٽربيونل لاهور، قومي تڪ اين اي هڪ سئو 25 تي محفوظ ڪيل فيصلو 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، تڪ تان وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ڪامياب ٿيو هو.

اليڪشن ٽربيونل لاهور جي سربراهه جسٽس ريٽائرڊ ڪاظم ملڪ، 3 ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي حامد خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌائڻو هو.

اليڪشن ڪميشن، فيصلو ملتوي ڪندي 4 مئي جي نئين تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

اين اي هڪ سئو 25 تان وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ڪامياب ٿيو هو، جنهن جي ڪاميابي کي تحريڪ انصاف جي حامد خان چيلينج ڪيو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*