اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا آهن آءِ ايس پي آر

اتر وزيرستان جي تعلقي دتا خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مارجي ويلن ۾ پرڏيهي دهشتگرد به شامل آهن.

آءِ ايس آءِ پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف پاڪ فوج جو آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي تعلقي دتا خيل جي مختلف علائقن ۾ جيٽ جهازن ذريعي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويلن ۾ پرڏيهي دهشتگرد به شامل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*