ناليواري گلوڪارا ميشا شفيع اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر جي هرجاڻي جي دعوا ڪيس  بابت شنوائي ڪندڙ جج  تي بي اعتمادي جواظهار ڪري ڇڏيو

ناليواري گلوڪارا ميشا شفيع اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر جي هرجاڻي جي دعوا ڪيس  بابت شنوائي ڪندڙ جج  تي بي اعتمادي جواظهار ڪري ڇڏيو ۽ گلوڪارا سيشن جج وٽ ڪيس منتقل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.عدالت درخواست جي شنوائي ڪندي 7 مئي تائين فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

ميشا شفيع درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هرجاڻي جي دعوا واري ڪيس جي شنوائي ڪندڙ معزز جج جابنداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.

هن ڄاڻايو ته شاهدن جا بيان قلمبند ڪرائڻ وقت  به موجودهه جج شاهدن جا جواب ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.

هن چيو ته موجودهه جج منهنجن وڪيلن تي بنا سبب جي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي.

ميشا شفيع سيشن جج کي استدعا ڪئي ته سندس ڪيس ڪنهن ٻئي جج وٽ منتقل ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*