سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورٽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتاري بعد گم ڪيل خالد شميم جي بازيابي واري درخواست تي ٻڌڻي دوران پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورٽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتاري بعد گم ڪيل خالد شميم جي بازيابي واري درخواست تي ٻڌڻي دوران پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي، ايس ايس پي اولهه کي28 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ بئنچ خالد شميم جي بازيابي واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

خالد شميم جي گهرواري بينا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس مڙس کي 2011ع ۾ گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪيو ويو، جنهن کي بازياب ڪرايو وڃي.

پوليس عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته خالد شميم بابت معلومات لاءِ مختلف کاتن کي خط لکيو آهي، عدالت اهڙي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ايس ايس پي اولهه کي 28 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.

ان کان اڳ ڊي ايس پي مجيد عباس عدالت کي آگاهي ڏني هئي ته اخباري اطلاع آهن ته خالد شميم کي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي پر ان بابت کين ڪابه ڄاڻ نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*